اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي حڪومت کي عوام تي ٽئڪس مڙهڻ بدران پنهنجا خرچ گهٽائڻ جو مشورو ڏيندي بجيٽ تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
هن چيو ته ڊيزل ۽ ايل پي جي جي اسمگلنگ روڪي ٽئڪس جمع ڪريو ته ڪو ٻيو ٽئڪس وٺڻ جي ضرورت نه پوي، ملڪ ۾ هڪ طبقو آهي جنهن جي اڌ آمدني حڪومت کڻي ويندي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت پنهنجا خرچ 25 سيڪڙو وڌائيندي، جيڪڏهن عوام تي بار وجهڻو هو ته گهر کان شروع ڪريو ها ۽ پنهنجا خرچ گهٽايو ها، قرض کڻي پنج سئو ارب رپيا ايم اين اي ۽ ايم پي ايز ۾ ورهايا ويندا جيڪو ماضي ۾ به غلط هو، انهن پئسن ۾ هڪ ڀاڱي ٽي حصو ڪرپشن جي ور چڙهي ويندو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سگريٽ جي سرعام چوري ٿئي ٿي ڇا اسان ايترا ڪمزور آهيون جو سگريٽ ٺاهڻ وارن کان به ٽئسڪ جمع نٿا ڪري سگهون؟.
هن چيو ته اسان کي خرچ گهٽائڻ جي ضرورت آهي، فاٽا ۾ جن صنعتن کي ٽئڪس ڇوٽ ملي ان سان اتان جي عوام کي ڪو فائدو ناهي ٿيو، اِهي صنعتون ٻاهران آيل ماڻهن لڳايون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته زمين وڪرڻ تي ٽئڪس مڙهيو ويو پر حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ڪامورن ۽ فوج جي ماڻهن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، سڀاڻي عوام سوال ڪندو ته انهن کي ڇوٽ ملي سگهي ٿي ته اسان کي ڇو نه، اڄ به نان فائلر جي ڪيٽيگري موجود آهي، صرف پگهاردار طبقو 45 سيڪڙو ٽئڪس ڏيندو ۽ ڪو نان فائلر اوهان کي 45 سيڪڙو ٽئڪس نه ڏيندو.
پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته بجيٽ عوام تي ظلم آهي، آءِ ايم ايف چوي ٿو ته زراعت ۽ رئيل اسٽيٽ تي ٽئڪس لڳايو اِهو اوهان نه ڪيو، ڇا آءِ ايم ايف چيو آهي ته ايران کان پيٽرول ڊيزل جي اسمگلنگ تي ڪارروائي نه ڪريو؟
ان موقعي تي مفتاح اسماعيل ڇهه جولاءِ تي اسلام آباد ۾ پنهنجي جماعت جي لانچنگ جو اعلان ڪيو.
Budget ShahidKhaqanAbbasi Govt