ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو قتل، جڏهن ته ماءُ ۽ پٽ جو گھر مان پراڻو لاش ھٿ ڪيو ويو، عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد ڪورنگي نمبر 6 زبير اسٽريٽ ورڪس ڀرسان ٻن ڌرين جي وچ ۾ جھيڙي جي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ وسيم ولد عبدالوھاب قتل ٿي ويو. مقتول جو لاش ڪارروائي جي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪري واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڏني. جوھر آباد ٿاڻي جي علائقي رحمانيا مسجد نديم سرور گرائونڊ ايف بي ايريا بلاڪ 15 ۾ ڪجهه ڏينهن پراڻا ماءُ ۽ پٽ جا لاش مليا. پوليس موجب لاشن جي سڃاڻپ 32 سالن جي طارق ولد احمد ۽ سندس ماءُ 60 سالن جي زاھدا زال احمد جي نالي سان ٿي آهي. پوليس لاش ڪاروائي جي لاءِ عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيا.
-
ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون، 26 جوابدار گرفتار
ڪراچي (رپورٽر ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب منهاس جي حڪم تي شهر ۾ ڏوهن خلاف پوليس جون ڪامياب ڪاروايون گذريل هفتي دوران ضلعي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ 22 جهڙپون ٿيون. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 25 جوابدارن سميت 36 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، گرفتار جوابدارن وٽان 28 مختلف قسمن جا غير قانوني هٿيار ۽ 17 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون. ڪراچي جي ايسٽ، ويسٽ ۽ سائوٿ زونز ۾ پوليس گذريل هفتي دوران 841 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس پاران منشيات خلاف هلندڙ مهم دوران مختلف علائقن مان 59 ڪلو 845 گرام چرس، 01 ڪلو 309 گرام آئس ڪرسٽل، 793 گرام هيروئن ۽ شراب جون 24 بوتلون هٿ ڪيون ويون. گرفتار جوابدارن وٽان 134 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا غير قانوني هٿيار، بارود ۽ شهرين کان ڦر ۽ ٻين وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ 02 دستي بم هٿ ڪيا ويا. ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪاروايون ڪندي 48 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون. ڪراچي پوليس پاران ڏوهن جي خاتمي، امن امان جي بحالي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪاروايون جاري رهنديون.