ڳڙهي خيرو (ن ع آ) دوداپور ڀرسان جوابدار فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد گهر پُهچي پنهنجي ماءُ کي به قتل ڪري ڇڏيو، دائوجهانپور شهر ۾ جوابدار صلاح الدين ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي نوجوان ميرزادو ميرالي کي قتل ڪرڻ بعد گهر پُهچي پنهنجي ماءُ سبحانه جکراڻي کي به قتل ڪري ڇڏيو پوليس واقعي واري هنڌ پُهچي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس موجب واقعو ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آهي، نوجوان جي لاش کي ڳڙهي خيرو اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب نوجوان صلاح الدين جکراڻي ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ ڪري نوجوان ميرزادو ميرالي ۽ پنهنجي ماءُ سبحانه کي قتل ڪري ڇڏيو آهي آخري اطلاع تائين گرفتاري عمل ۾نه اچي سگهي آهي.