حيدرآباد ۾ وحشت،جوابدارن ملڪيت تان دروازي کي ڀت ڏئي ماءُ ۽ ڌيءُ کي واڙي ڇڏيو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ملڪيت جي لالچ ۾ جوابدارن بيواهه عورت ۽ ان جي نياڻي کي سندن گهر جي ڪمري ۾ قيد ڪري ڪمري جي دروازي کي سرن جي اوساري ڏياري مٿان پلستر ڪري مڪمل بند ڪري  ڇڏيو، ماءُ ۽ سندس ڌيءُ قيد کان به بدترين حالتن ۾ پهچي ويون، هڪ ڏينهن ۽ اڌ رات ٻئي ڄڻيون سرن جي اوساري سان بند ٿيل ڪمري ۾ بند رهيون.اطلاع ملڻ تي گذريل رات دير سان بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهچي ڀت ٽوڙائي عورت ۽ سندس نياڻي کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. مسمات تسليم جهان بيواهه عبدالحق عرف بندو جي فرياد تي بي سيڪشن پوليس پي پي سي 34- 342-448-511 تحت ايف آئي آر داخل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي پر سندن گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي.متاثر عورت ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو آهي ته گهر نمبر 1332 ڪچي آبادي اڪبر آباد يونٽ نمبر 5 لطيف آباد ۾ اسان رهون ٿا ان ۾ ٽي حصا آهن، گلي جي طرف مرحوم مڙس جي مامي جو پٽ سهيل، وچ واري حصي ۾ منهنجو ڏير عرفان ۽ ان جا گهرڀاتي رهن ٿا، ان گهر جا ڪاغذ منهنجي ڏير عرفان وٽ آهن، جوابدار سهيل اسان ٻنهي ڄڻين کي بجلي، پاڻي ۽ گئس سميت سمورين سهولتن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي ۽ چوي ٿو ته گهر مان نڪري وڃون، ان جون شڪايتون پنهنجي ڏير عرفان کي ڪيون، پر اهو پڻ اهو ئي چوي پيو ته سهيل جيڪو به چئي رهيو آهي توهان خاموش رهو، سهيل ان گهر ۾ ڪو به حصو ناهي، 28 جون تي ڏينهن جو ساڍي 12 وڳي جوابدار سهيل ۽ سندس زال مسمات صائمه عرف شانه ۽ سندس سالي وسيم اسان ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءُ کي ڌڪا ڏئي گهر ۾ بند ڪري دروازي کي ڪنڊي ڏئي گهر جي مين گيٽ کي تالو هڻڻ بعد اسان جي ڪمري جي ٻاهران ڀت ڏئي مٿان پلستر به ڪرائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.