اوڏيرولال/ ٽنڊو آدم ( نمائندن وٽان ) اوڏيرولال اسٽيشن ويجهو حيدرآباد ويندي سيکاٽ ٿاڻي جي حد ڏهدري وٽان اغوا ٿي ويل هندو واپاري نريش ڪمار ڏيوجاڻي کي اغوا ٿيندي ڪالهه 9 ڏينهن ٿي ويا آهن، پر ڪابه خبر نه پئي آهي، اغوا ٿي ويل مغوي جي ڀاءُ ٽائون ڪاميٽي اوڏيرولال اسٽيشن جي اقليتي ڪائونسلر ۽ انجمن تاجران جي صدر ديوان پريم چند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس صرف آسرا پئي ڏئي ته اڄ سڀاڻي ڪم ٿي ويندو پر اڃا تائين مغوي جو ڪوبه ڏس پتو نه پيو آهي صرف آسرا پيا ملن. اسان ھاڻ 48ڪلاڪ جي مھلت ڏيون ٿا جيڪڏهن مغوي بازياب نه ٿيو ته پوءِ اسان مين شاھراھ بند ڪنداسين، جيستائين نريش ڪمار بازياب ٿيندو، صدر پاڪستان ۽ وڏو وزير نوٽيس وٺي مغوي بازياب ڪرائي.ٻئي پاسي ٽنڊي آدم ۾ هندو پنچائت پاران هريش ڪمار ويڌاڻي، ڀاون داس، مڪيش ڪمار، پريم چند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.