ڊيورانڊ لائين: اسان لاءِ خطري جي گھنٽي ڇو؟

تحرير: رياض ابڙو 

نه بچي سگهنداسين، ڪيترو به بچاءُ ڪيون، ڪيتري به مدد ڪيون، ڪيترا به سچا ٿيون، ڪيترو به رت ڏيون، پنهنجن نسلن کي کڻي داوَ تي به هڻون، پر طالبان هر دفعي ۽ اٿندي ويهندي اهو ئي چوندا ته پاڪستانين جو رت ڳاڙهو ته آهي پر پاڪستانين جي رت ۾ وفا ناهي. پوءِ اڃان ڇا ڪيون جو 18 ڪروڙ آبادي واري ملڪ (افغانستان) جو اسان هر دفعي ڪيترو بار کڻون، جو افغانستان جي 30 ملين ماڻهن کي اسان ته پاڪستاني ڪري ڇڏيو آهي، اسان انهن جي کاڌي، پيتي، تعليم روزگار ۽ صحت جا ضامن به ثابت ٿيا آهيون، اسان انهن جي شهريت جا ليکا چوکا به ڪري چڪا آهيون، پر پوءِ به افغان صَدرَ اٿندي ويهندي اهو ٿا چون ته اسان دهشتگرد ٿا پاليون. اهو به ته اهي دهشتگرد پاڪستاني بارڊر ٽپي افغانستان ٿا وڃن ۽ افغانستان جي امن کي خطرو آهي. معني جيڪي طالبان قنڌار تي حملو ڪرڻ وارا هيا اهي پاڪستاني طالبان هاڻي ڪابل کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ويٺا آهن. جيڪي به اهي ڪم ڪن ٿا اهي سڀ جا سڀ پاڪستاني طالبان آهن، هن مهل تائين جن نيٽو فورسز سان ويڙهاند ڪئي، جيڪي به طالبان ماريا ويا، جيڪي 87 هزار طالبان (هيل تائين) دهشتگردي جي زمري يا بهاني اسان جي ملڪ ۾ به مئا، بي گهر ٿيا، گم ٿي ويا، دهشتگردي جي جنگين جو بي سبب حصو بڻيا، ضرب عضب ۽ ردالفساد ۾ مئا ۽ بارڊرن جي ڇڪتاڻ ۾ جانيون وڃائي ويٺا، اهي سڀ پاڪستاني طالبان هئا، انهن جي پرورش به پاڪستان ڪئي، جيڪي به طالبان جي نالي آمريڪا ماريا اهي به پاڪستاني هيا ۽ هاڻي افغانستان ۾ جيڪي طالبان جي نالي پناھ ورتيون ويٺا آهن، اهي به پاڪستاني آهن. اها ڳالھه  سمجھه کان ٻاهر آهي ته جڏهن بارڊر سيل آهن، جڏهن بارڊرن تي پکي به پر نه ٿو هڻي ته اهي ڪيئن ٽپي ويا ۽ پئي آيا ويا؟ هاڻي 8 لک افغاني جيڪي 18 ڪروڙ افغانستان جي آبادي مان چونڊجي اچي بارڊر جي ڪناري ويٺا آهن، اهي امن پسند آهن، باقي جيڪي افغانستان ۾ رهجي ويا، اهي دهشت پسند آهن ۽ چوٽي جا دهشتگرد آهن، اهي طالبان حڪومت سان سهمت آهن، پر اهي طالبان ناهن، ۽ اهي بچيل ۽ رهجي ويل افغاني چاهن ٿا ته پاڪستاني طالبان جيڪي افغانستان ۾ رهجي ويا آهن سي خراب آهن. باقي جيڪي بارڊر ٽپي ڀڄي ٿا اچن، جيڪي بارڊر جي ڪناري ان آسري ۾ ويٺا آهن ته رڳو بارڊر کلي ته ڀڄي پاڪستان هليا اچن. بارڊر ٽپي جيڪي اڳ ۾ پڄي چڪا آهن، اهي سڀ امن پسند هيا يا آهن، پوءِ اها ڪهڙي آلجبرا آهي، يا ڪهڙي سائنس آهي؟ ڪهڙي لڪيل ڳجهارت آهي، جيڪا اسان قومن جي سمجھ ۾ نه ٿي اچي. اها ڳالھه  عقل کان اعلي آهي ته آخر اها افغان چال، افغان بارڊر جي اک ٻوٽ، افغان دهشتگردن جي فنامنا ختم ڪڏهن ٿيندي يا نه ٿيندي، هلندي رهندي ۽ تا قيامت نه نبرندي.

ماضيءَ ۾ افغان وفد سان هر ملاقات ۾ اسان جي رياست انهن کي چوندي هئي ته اسان انهن جي هر طرح سان مدد ڪنداسين پر ملٽري استعمال نه ڪنداسين، ان جو مطلب ڇا؟ يا هيل آرمي آپريشن ٿيندو پر جيڪي ضَربِ عضب ۽ درالفساد اڳ ٿيا اهي غلط هيا ۽ هاڻي عزم استحڪام ڪم جو هوندو، ڳالھه  ڀلي آهي پر بارڊر به ته لاڪ ٿين نه. افغان باشنده جڏهن دل چوين ٿي اسان جا بارڊر ٽپي هليا ٿا اچن، چمن بارڊر ته هنن جي لاءِ چَپٽي جو کيل آهي ۽ تورخم بارڊر ٽپي پوءِ به هنن جو پنڌ ڪراچي ڏي هوندو آهي. پر انهن افغانين کي پرواھ ناهي، ڇو ته بار سڄو اسان جي صوبي تي آهي ۽ ائين ئي ٿيندو رهندو. ڇو ته روزگار، گهرگهاٽ، ڪاروبار حلال يا حرام سڀ افغانين جا هتان کان شروع ۽ هتي ئي ختم ٿين ٿا. ان ڪري اهڙو ڪو آرمي ايڪشن نه ٿيندو جنهن ۾ هنن جي دائمي پڪڙ ٿئي. انهن افغانين ۽ طالبان جي پٺيان هڪ ٻيو به عمل دخل ٿي سگهي ٿو ته يا هيءَ رياست چائينا جي مڪمل پٺ ڀرائي ٿي ڪري، آمريڪا جي هرعمل ۽ ايڪشن کي نندي ٿي. افغان طالبان سان ڳالهيون نه ڪرڻ يا انهن جي ڳالھه  رڳو افغان بارڊر تائن رهائي ڇڏڻ مان مراد اها به آهي ته رياستي ادارا چائينا ۽ روس جي ڳالهين ۾ آهن ۽ چاهن ٿا ته جيئن چائينا چئي تيئن ٿئي ۽ سي پيڪ جي هلي پوڻ جا چانسز وڌي وڃن، ان ڪري چائينا جي سپورٽ، بيڪ هينڊ ۽ ٿڦڪي به وڏي معني ٿي رکي. هاڻي آمريڪي پاليسين کي منهن يا جواب ڏيڻ مان اها ئي معني آهي ته آمريڪا پنهنجا مفاد هاڻي پاڪستان مان ويڙهي.

اها ڳالھه  به واضع آهي ته سڄو افغانستان پروطالبان ۽ پروآمريڪي ناهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو. 1979 واري انقلابِ ثور مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي ڪميونسٽ ۽ ٻيون افغان مخالف پارٽيون به افغانستان ۾ پلجن ٿيون، جن جون پاڙون ٻين مغربي ملڪن ۾ به آهن. ڀلا 1979 واري انقلاب ثور ۾ حفيظ الله امين ڪولمبيا جي يونورسٽي مان اچي صدر بڻجي سگهيو ته معني اهڙي صورتحال ۾ ممڪن هيو ته سي آءِ اي واقعي ئي ڪامياب ٿي وڃي، پر هاڻي طالبان ڪمزور ٿيڻ جو ڊونگ ٿا ڪن. اهي چاهن ٿا ته اتي ۽ پاڪستان ۾ وري ٻيون لساني ۽ مذهبي گروهن جون جماعتون اڀري اچن، پر ان طريقي صورتحال منجھيل ضرور آهي، ڇو ته طالبان ته اهڙي منافقي واري سياست ڪندا ٿا اچن، جن جو ڪو پِيرفقير ناهي. هاڻي به ڪيئن چئون ته اهي روس جي چوڻ ۾ آهن ۽ آمريڪا کي اکيون ٿا ڏيکارن ته پوءِ روس جي بلاڪ ۾ جيڪي به ملڪ ٿا اچن اهي پوءِ طالبان سان هر ڳالھه  ۾ ها ۾ ها ملائي ٻِٽُ ڇو نه ٿا ٿين؟ ڀلا ترڪي ته پرو رشين آهي ته پر اجا ڳالھه  مڃون ته آمريڪا جو فغانستان ۾ ويهڻ معني خطي جي دُن ۾ ويهڻ آهي جيڪو سڀني اسلامي ملڪن جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. پاڪستان جڏهن 1952 ۾ 1967 ۾ ۽ 1980 ۾ آمريڪا کي اڏا ڏنا هيا ته آمريڪا ته پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ روس جي ڊس انٽيگريشن ٿي وئي. هاڻي به گورا ڪريسيءَ جي بلي بلي ڪرڻ جي ڪري آمريڪا ته خطي ۾ ويهڻ ٿو چاهي ته جيئن سڄي خطي ۾ باھ ٻاري ڏئي، ان ڪري طالبان پرو آمريڪا ئي آهن ۽ رهندا. روس جي خلاف شيلڊ بڻجڻ کانپوءِ هنن جو ڌنڌو ئي اهو آهي ته اهي جهادي تنظيمون جوڙن، ان ڪر اهي افغاني اسان تي به الزام هڻڻ ۾ دير نه ٿا ڪن ته اسان جو ملڪ به انهن پروطالبان جي پالڻ ۾ سڌو سنئون هٿ آهي.

ڳالھه  اها به مونجھاري جو سبب کڻي ٿي اچي ته جيڪڏهن افغانستان اولھ ۾ ايران سان بارڊر شير ٿو ڪري ۽ تهران ۾ ايران سان ڳالهيون به ڪري ٿو ته هنن جي مدد جي لاءِ اهي گروھ به نڪري اچن جيڪي پرو ايراني آهن. اهي به هنن جي امن پسند افغانين کي جهولي ۾ جهلن، ڳالهيون ته ڪن ٿا نه، هي به جي پروآمريڪن ناهن، هي به آمريڪا کان اوتري نفرت ٿا ڪن ۽ ايران به آمريڪا کان نفرت ٿو ڪري ته پوءِ اهي ٻئي هڪ ٿالهي ۾ کائن، سياست ته سياست آهي جيڪا مذهبي گروهن کان مٿانهين آهي، پوءِ اهي ائين ڪري ثابت ڪن ته آمريڪا جي دشمني ۾ اهي ڪجھ به ڪري سگهن ٿا، اسلام جي محبت سان گڏوگڏ طالبان جي دل هٿيارن ۾ به آهي.

هاڻي دير ڇا جي؟ وري افغانستان جي اتر ۾ ترڪمانستان، ازبڪستان ۽ تاجڪستان به آهن ۽ جيڪي به بارڊر جي ڀرسان رهندڙ افغاني صوبا آهن انهن جي شهري ته وري انهن ملڪن سان ڪلچر، ٻولي ۽ مذهبي گروھ به شيئر ڪن ٿا، معني انهن مان ڪجهھ تعداد انهن ملڪن جو حامي به آهي، جيئن اڌ ازبڪ، اڌ تاجڪ، اڌ ترڪ ته افغانستان جي صوبن ۾ به رهن ٿا، اهي افغان طالبان سان همدردي ڏيکارن، اهي مدد جي لاءِ اٿي پون، وري واخان کان هڪ سڌي سوڙهي سرحد وري اتر اوڀر واري رستي پاڪستان کان ٿيندي اييغور جي صوبي سان ملي ٿي جيڪي چائينا جي سرحدن کي ڇهي ٿي، انهي رستي هي ڪابل تائين به اچن ٿا، پوءِ اهي علائقا هنن جي مدد ڪن، رڳو ڊيورنڊ لائين اسان جي عذاب ڇو آهي؟ يا سي آءِ اي کي هاڻي آساني آهي ته اها انهن ملڪن جي ذريعي طالبان جي مخالفت ڪري ٻين گروهن جي مدد ڪندي رهي ته جيئن اهي پنهنجا مقصد پورا ڪري سگهن. ان ڳالھه  کان ڪنڌ نه ٿو ڪڍرائي سگهجي ته روس جي سپرپاوري ختم ڪري هاڻي آمريڪا جي گوراڪريسي چپ ويٺي آهي، يا اهي هاڻي به روس جي پٺيان ناهن يا چائينا کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا ته اهي ڀلي سي پيڪ هلائي، گوادر جي پورٽ ايڪٽيويٽ ڪري، يا خطي ۾ امن جا پکي اڏندا رهن. يا روس، چائينا، پاڪستان، ايران، مليشيا ۽ ترڪي جيڪا ٻه چاپڙائپ ٿي ڪري، هنن اسرائيل جي معاملي ۾ به ائين ئي ڪيو هيو، جو سڀني اسلامي ملڪن خاص پاڪستان تي ٽنڊو کڻي بيهي رهيا هيا ته اسرائيل کي تسليم ناهي ڪرڻو، پر ترڪي پاڻ ٽپ ڏئي اسرائيل کي مڃي ويهي رهيو ۽ سفارتي تعلقات بحال ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين. هاڻي به هنن جي راند ۾ خلل نه وجهي ڇو ته افغان طالبان پروآمريڪن آهن ۽ ڊالرن کائڻ ۾ اڳ کان اڳرا آهن، جيڪي آمريڪا جي مشن جي لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم ڪري ڏيکاريندا ۽ اسان وات پٽي ويهي ڏسنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.