ايراني صدارتي چونڊن ۾ سامھون آيل نتيجن موجب سخت گير اميدوار سعيد جليلي ۽ سندس اصلاح پسند مخالف مسعود پزيشڪيان ٻنهي کي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ووٽ مليا آهن.ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، جنهن دوران ٻنهي اميدوارن ۾ سخت مقابلو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ڪجهھ ميڊيا رپورٽس موجب ٻنھي جي پوزيشن ساڳي رھي آھي.ڪنهن به اميدوار جي 50 سيڪڙو ووٽ نه کڻڻ جي صورت ۾ اليڪشن ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيندي.ڪنھن بھ اميدوار پاران 50 سيڪڙو ووٽ نه کڻڻ جي صورت ۾ ٻئي مرحلي ۾ ٻنھي ۾ دوبدو مقابلو ٿيندو آھي.ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب سيستان ۽ بلوچستان ۾ بيلٽ باڪس کڻي ويندڙ گاڏي تي حملي ۾ ٻه سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا آهن.
اڳوڻي سرجن ۽ صحت واري وزير مسعود پزشيڪان عوام سان واعدو ڪيو آھي ته هو ملڪ جي معاملن کي مختلف انداز سان هلائيندو. هن چيو هو ته ايراني اخلاقي پوليس جا عمل ’غير اخلاقي‘ هئا.ايران جي اڳوڻي صدر ابراهيم رئيسي جي 19 مئي تي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ مارجي وڃڻ بعد ملڪ ۾ صدارتي چونڊون وقت کان اڳ ٿي رھيون آھن.ان حادثي ۾ ويو صدر سان گڏ هيلي ڪاپٽر ۾ پرڏيهي وزير سميت 7 وڌيڪ حڪومتي شخصيتن به حياتيون وڃايون ھيون.ايران ۾رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد ڇھھ ڪروڙ ڏھھ لک آھي. هن ڀيري ووٽر ٽرن آئوٽ ماضي جي ڀيٽ ۾ گهٽ هجڻ جو امڪان آهي. هن سال مارچ ۾ ٿيندڙ پارلياماني چونڊن ۽ 2021 ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ پڻ ووٽر ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو ھو، ايران ۾ سخت چونڊ مرحلن جي ڪري ماڻھون ان سسٽم کان ڪافي بيزار آھن.ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي صدارتي چونڊن ۾ عوام کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل پڻ ڪئي ھئي. 2022 ۾ ايران ۾ مورل پوليس جي تحويل ۾ مهسا اميني نالي 22 سالن جي عورت جي موت کانپوءِ زبردست احتجاج شروع ٿيو ھو،جنھن حڪومت کي خاصو پريشان ڪيو ھو.
انساني حقن جي تنظيمن موجب انهن احتجاجن دوران سوين ماڻهو مارجي ويا ۽ هزارين گرفتار ڪيا ويا.
سخت گير صدارتي اميدوار سعيد جليلي ماضي ۾ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي ۽ ايٽمي ڳالهين ۾ ايراني حڪومت جي نمائندگي پڻ ڪري چڪو آهي.هن کي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جو پسنديده صدارتي اميدوار چيو وڃي ٿو. مسعود جليلي دنيا جي پنجن وڏن ملڪن سان ايٽمي ڳالهين دوران ڪيترائي ڀيرا معاملو پيچيده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان دوران ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام کي اڳتي وڌائيندو رھيو.ھن بابت خيال آهي ته هو سخت گير مذهبي اڳواڻ آهي جنهن کي حڪومت ڪرڻ جو ڪو به تجربو ناهي.
سعيد جليلي مشهد ۾ پيدا ٿيو. هو فقط 21 سالن جو هو ته ايران ۽ عراق جي جنگ دوران زخمي ٿي پنهنجي ساڄي ٽنگ وڃائي ويٺو.هو انهن سياستدانن مان آهي، جن امام صادق يونيورسٽي ۾ پڙهيو، اها ئي يونيورسٽي جنهن ۾ حزب الله جي اڳواڻن پڻ تعليم ورتي ھئي.هن 2001ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي.حاصل ڪئي.سياسي ميدان ۾ پهريون ڀيرو ھو تڏهن مشھور ٿيو جڏهن محمود احمدي نجاد ايران جو صدر چونڊيو ويو.ان وقت ھو يورپ ۽ آمريڪا جا معاملا سنڀالڻ لاءِ ملڪ جو نائب پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو ھو.سندس حامي ھن جي واکاڻ ڪن ٿا ڇو تھ هن ايٽمي ڳالهين دوران اولھھ جي دٻاءُ جي مزاحمت ڪئي ۽ ٻئي طرف اولھھ جي سفيرن جو چوڻ آهي ته سعيد جليلي ڳالهين وقت ڊگھيون تقريرون ڪندو هو ۽ جن جو ڳالهين سان ڪو به تعلق نه هوندو هو.ايٽمي ڳالهين دوران، اڪثر غير اعلانيل دورا ڪندو ھو، عام ماڻهن سان ويهڻ ۽ ملاقاتون ڪندو ھو ان ڪري. سندس حامين موجب ھوءَ هڪ سادو ماڻهو آهي
سعيد جليلي ايران ۾ 2013ع جي صدارتي اليڪشن ۾ به حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. چيو وڃي ٿو ته هو ’اسلامي انقلاب استحڪام فرنٽ‘ جو اميدوار ھو.ھي گروپ 2011 ۾ ٺھيو جڏھن قدامت پسند سياستدان ٻن حلقن ۾ ورهائجي ويا. پر بعد ۾ هن گروپ سعيد جليلي جي بدران ڪامران باغي کي صدارتي اميدوار نامزد ڪيو.سعيد جليلي 2013ع جي صدارتي اليڪشن ۾ ٽئين نمبر تي رهيو ۽ کيس ڪل ووٽن جو فقط 11 سيڪڙو مليو. انھن صدارتي چونڊن ۾ حسن روحاني ڪامياب ٿيو.
اصلاح پسند اميدوار، مسعود پزشيڪان جو چوڻ آھي تھ اسلام ۾ عورتن جي لباس بابت ڪا بھ پابندي نھ آھي. 69 سالن جي مسعود واعدو ڪيو آھي ته اولهه سان لاڳاپا بهتر ڪندو،ڇاڪاڻ جو ان جي ڪري ملڪ جي معيشت کي ڪمزور ٿي آھي.ھوءِ ايٽمي ڳالهين کي بحال ڪرڻ. جو بھ حامي آھي جئين عالمي پابنديون ختم ٿي سگهن.
مسعود کي ٻن اڳوڻي اصلاح پسند صدر حسن روحاني ۽ محمد خاتمي جي حمايت حاصل آھي اڳوڻو ناڻي وارو وزير جواد ظريف به سندس حياتي آهي.اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ سندن چونڊ ريلين ۾ وڏو هجوم نظر آيو. ان وچ ۾ ٻن اميدوارن کي چونڊ ريس مان ٻاهر ڪيو ويو،جنھن کي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پاران قدامت پسند ووٽ جي تقسيم کي روڪڻ جي ڪوشش طور ڏٺو ويو.