خيرپور ۾ محرم الحرام دوران سيڪورٽي پلان تي سختي سان عملدرآمد جون هدايتون

خيرپور(رپورٽ: سيد نعيم حسين شاھ) ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر سيد احمد فواد شاهه محرم جي حوالي سان اي سيز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي 48 ڪلاڪ اندر يوسي ۽ ٽائون ڪاميٽين جو اجلاس طلب ڪري مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته محرم الحرام دوران ضلعي انتظاميه ڀرپور انتظام ڪندي جنهن لاءِ ڪانٽي جنسي پلان مطابق روينيو، صحت، سئي گيس، سيپڪو، ميونسپل، پبلڪ هيلٿ سميت لاڳاپيل کاتا آن بورڊ هوندا، ڊي سي آفيس جي ڪنٽرول روم ۾ شڪايت ۽ مسئلن کي فوري حل ڪرڻ لاءِ ذميوار آفيسر مقرر ٿيندا هن چيو ته امن و امان پهرين ترجيح آهي، عزاداري، جلوسن ۽ مجلسن لاءِ امام بارگاهن ۽ مختلف هنڌن تي صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻي، روشني ۽ ٻين انتظامن 24 ڪلاڪ ڪم جاري رهندو ۽ هو پاڻ سمورن ڪمن بابت نگراني ڪندي مسئلن جي حل کي يقيني بڻائيندو.

خيرپور؛ ايس ايس پي زبير نظير شيخ چيو ته محرم الحرام ۾ پوليس پاران محرم پلان جوڙيو آهي، ايس ايس پي خيرپور چيو ته داخلي ۽ خارجي رستن، هوٽلن، ريسٽ هائوسز، سراءِ سميت مشڪوڪ ماڻهن جي چرپر، جلوسن جي نگراني، پوليس آفيسرن توڙي اهلڪارن جي مقرري، دستوري جلوسن، مجلسن، امام بارگاهن ۾ ٿيندڙ ٻين پروگرام جي هو پاڻ نگراني ڪندو تعلقه سطح تي ڊي ايس پيز کي پابند ڪيو ويو آهي. پوليس پاران ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويندو. محرم الحرام دوران سمورن ماتمي جلوسن جي روٽس جو دورو ڪري انتظام وقت سر مڪمل ڪيا ويندا.

خيرپور؛ رينجرز جي ڪرنل محمد عمر گڏجاڻي ۾ چيو ته گذريل سال سمورن مڪتبه فڪر جي ماڻهن علمائن ۽ ٻين عهديدارن سهڪار ڪيو ويو هن سال به انهئ ريت سهڪار جي ضرورت آهي محرم ۾ رينجرز پنهنجي ڏيوٽي ڏيندي فليگ مارچ، جلوسن ۽ ماتمي پروگرام سميت امام بارگاهن تي پڻ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا هن سمورن امام بارگاهن جي متولين، باني ۽ پرمٽ هولڊرز کي درخواست ڪئي ته پوليس ۽ رينجرز سان گڏ رضاڪارن کي پڻ مقرر ڪرڻ ۾ انتظاميه ۽ پوليس رينجرز سان تعاون ڪيو وڃي هن اپيل ڪئي ته محرم الحرام ۾ وڌ ۾ وڌ سهڪار ڪيو وڃي اسان هروقت امن امان برقرار رکڻ لاءِ موجود هونداسين.

خيرپور؛ ڊي آءِ بي انچارج علي گل ملاح گڏجاڻي کي ٻڌايو ته ضلعي پوليس پاران محرم الحرام پلان مطابق ضلعي خيرپور ۾ 1947 ماتم، مجلس، جلوس ۽ ٻيا پروگرام منعقد ٿيندا ان ڏس ۾ حفاظتي اپائن لاءِ 4084 پوليس آفيسر توڙي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته پوليس پيٽرولنگ، ايگل اسڪواڊ سميت ٻين ادارن جي سهڪار سان نگراني پڻ ڪئي ويندي.

خيرپور؛ گڏجاڻي دوران اٺن ئي تعلقن جي مجلسن، جلوسن جي پرمٽ هولڊرز، شيعه تنظيمن جي عهديدارن ضلعي انتظاميه، پوليس ۽ رينجرز کي يقين ڏياريو ته محرم الحرام دوران هر سطح تي سهڪار ڪيو ويندو. گڏجاڻي ۾ محرم الحرام دوران پيش ايندڙ مسئلن بابت شرڪت ڪندڙن تفصيل سان ويچار ونڊيا.

خيرپور؛ گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، رينجرز جي آفيسرن، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن سيد ساجد حسين شاهه، ضلعي امن ڪاميٽي، ميونسپل ڪاميٽيز، روينيو، صحت، سيپڪو، پبلڪ هيلٿ، روڊز، ٽائون آفيسرن توڙي اٺن ئي تعلقن جي مجلسن، جلوسن جي پرمٽ هولڊرز، شيعه تنظيمن جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.