ثانيا مرزا جي دل ۾ نوان احساس جاڳي پيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ثانيه مرزا پنهنجي پٽ اذهان مرزا ملڪ سان گڏ نيون تصويرون شيئر ڪيون آهن.

ثانيه مرزا حج ادا ڪرڻ کانپوءِ پهرين پوسٽ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پٽ سان گڏ موجود آهي.

تصويرن کي ڏسندي خبر پوي ٿي ته ته ثانيه مرزا حج تان واپسي کانپوءِ پنهنجي پٽ سان وقت گذاري رهي آهي.

ثانيه مرزا پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ صرف ها جو لفظ استعمال ڪيو آهي، جڏهن ته ٽي شرٽ تي لکيل جملي مان سندس اندر جي سموري ڪهاڻي ٻڌائي پئي وڃي.

تصويرن ۾ ثانيه مرزا اڇي ٽي شرٽ، جينز ۽ نيري ٽوپي پهري آهي، ثانيه مرزا جي ٽي شرٽ تي انگريزي ۾ هڪ جملو لکيل آهي جنهن واهپيدارن جو ڌيان ڇڪايو آهي.

ان جملي جو سنڌي ۾ مطلب ائين ٿئي ٿو ته مون هڪ شئي محسوس ڪئي آهي، هاڻي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.

جنهن تي واهپيدارن انشاءَ الله لکيو ۽ دعا ڪئي.

ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڀارتي ميڊيا ۾ ثانيه مرزا بابت افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته هوءَ ڀارتي بالر محمد شامي سان شادي ڪرڻ واري آهي پر ان جي ترديد ڪئي وئي هئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sania Mirza (@mirzasaniar)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.