لاهور ( بيورو+ م ڊ ) نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسيپيج ڪمپني ملازمن کي ملندڙ ميڊيڪل سهولت ختم ڪري ڇڏي، اين ٽي ڊي سي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سڀني موجوده ۽ رٽائرڊ ملازم کي هاڻ ميڊيڪل جي سهولت نه ملندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ٽي ڊي سي مطابق ملازم هر مهيني ڪروڙين رپين جا ميڊيڪل الائونس کڻي رهيا هئا، ميڊيڪل سهولت جو ناجائز فائدو وٺڻ تي ان کي بند ڪيو ويو آهي.