پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي عمر ايوب جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي عمر ايوب جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي، شير افضل  جي ٽوئيٽ جو به نوٽيس ورتو ويو، پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي عمر ايوب جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي ، اجلاس ۾ باني پي ٽي آءِ عمران خان کي استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جو پيغام ڏيڻ لاءِ چيو ويو ۽ عمر ايوب کي ڪم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته اجلاس ۾ شير افضل مروت جي ٽوئيٽ جو نوٽيس ورتو ويو، پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عمر ايوب، گوهر علي، اسد قيصر ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته شير افضل مروت پارلياماني پارٽي ۾ شرڪت نه ڪئي. پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ شيرافضل جي ٽوئيٽ جو نوٽيس وٺندي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، ميمرن راءِ ڏني آهي ته شير افضل مروت کي اهڙي طرح ٽوئٽ نه ڪرڻ گهرجي ها، ٽوئيٽ بابت هن کان پڇيو وڃي، پارٽي ۾ معمولي اختلاف آهن جن کي ختم ڪرڻ گهرجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.