چڪ ۾ مهر ۽ جتوئي برادري ۾ جهيڙو، واٽهڙو پورهيت مارجي ويو

چڪ/ لکي غلام شاهه (رپورٽ:نواب الدين مھر+نديم جان مهر(چڪ جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوي عامر مهر معاملي تان مهر ۽ ڪرسي جتوئي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم نه ٿي سگهيو، ٻنهي ڌرين  جا هٿياربند مورچابند ٿي ڪري 24 ڪلاڪ هڪ ٻئي مٿان مٿان فائرنگ ڪندا رهيا، گوليون لڳڻ سبب رستي سان ويندڙ مهر برادريءِ جو همراهه علي حيدر عرف بروهي مهر موقعي تي قتل ٿي ويو، واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي، جنهن ۾ راڪيٽ لانچر پڻ فائر ڪيا ويا، ٻئي طرف جتوئي برادريءَ جي هٿياربندن اسلام ڪٻرو جي گهر تي چڙهائي ڪئي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ اسلام ڪٻرو جي 10 سالن جي ڌيءُ سمينا ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، مارجي ويل علي حيدر مهر جو لاش خانپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائيءَ کانپوءِ وارث ڳوٺ عبدالواحد موٽاڻي کڻائي آيا، جتي ميت کي هٿيارن جي ڇانوَ ۾ دفن ڪيو ويو، ٻئي طرف ٻنهي ڌرين جي فائرنگ ۾ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پڻ گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.