گڏيل قومون، جي ايس بينڪ ۽ آءِ بي اي وچ ۾ موسمي تبديلين تحت لچڪدار ڪاروبار لاءِ ڀائيواري

ڪراچي (پ ر) گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پي، آءِ بي اي انٽرپرينورئل ڊيولپمينٽ سينٽر ۽ جي ايس بينڪ جي گڏيل سهڪار سان موسمي تبديلين تحت ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ مقابلا ڪرايا ويا.

ايس ڊي جيز انوويٽو فائنانسنگ چئلينج ڪمپ جو فائنل کيڏيو ويو.

هن قدم ذريعي گڏيل قومن جي مائڪرو، سمال ۽ ميڊيم سائيس ادارن جي سپورٽ واري عزم کي هٿي ڏني وئي.

تقريب ۾ آءِ بي اي جي شاگردن سميت ٻين يونيورسٽي، ٽريننگ ادارن، اسٽارٽ اپس ۽ جي ايس بينڪ ۽ يو اين ڊي پي طرفان ماڻهن شرڪت ڪئي.

ايس ڊي جيز انوويٽو فائنانسنگ چئلينج ڪپ جو مقصد هڪ منفرد بلينڊڊ فنانسنگ طريقيڪار جي شروعات ڪرڻ آهي جنهن ۾ عوامي پرائيويٽ پارٽنرشپ لاءِ ماحولياتي لچڪدار منصوبن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ملي ۽ انهن سان ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جٽادار ترقي کي هٿي ملي.

مقابلن ۾ 200 ماڻهن کان درخواستون ورتيون ويون ۽ 30 منصوبن مان 10 فائنل ۾ پهتا.

انهن منصوبن مان 4 منصوبن کي چونڊيو ويو جيڪي معيارن تي پورو لٿا، هر منصوبي تي 10 ملين رپيا لاڳت ايندي.

پهريون انعام وائٽليٽي وهيڪلز هو جنهن ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن کي هٿي ڏبي، ٻيون انعام ڪانسيپٽ لوپ هيو جنهن ۾ پلاسٽڪ جي ڪچهري کي عمارت اڏڻ ۾ استعمال ڪبو، ٽيون انعام ناليج پليٽ فارم هو جنهن سان ماحولياتي تعليمي راندين کي هٿي ڏني ويندي.

يو اين ڊي پي پاڪستان جي اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ريپريزنٽيٽو عمارا دراني چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي جو اهڙي قسم جي گڏيل فنانسنگ جي آڇ ڪئي وئي آهي، اسان جو مقصد چونڊيل منصوبن لاءِ نه رڳو گڏيل فنانسنگ پر انهن جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ مستقبل ۾ نجي شعبي ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ به آهي.

آءِ بي اي، سي اي ڊي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر لالا رخ اعجاز سڀني آيل مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ بريفنگ ڏني.

جي ايس بينڪ جي گروپ هيڊ انويسٽميينٽ سيد جعفر رضا چو ته هي هڪ اهڙو مثال آهي جنهن مان ثابت ٿيو ته پرائويٽ پارٽنرشپ هاڪاري تبديلي آڻي سگهي ٿي.

هي مقابلو ان ڏس ۾ هڪ اهم ڪاميابي جي نشاندهي ڪري ٿو ته موسمياتي تبديلين کي ڏسندي لچڪدار ماحول ۽ ماحولياتي نظام کي هٿي ڏئي سگهجي، ان لاءِ وڌيڪ بهتر مستقبل جا رستا کلن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.