بنگلاديش خلاف سيريز، بابر اعظم پنهنجي دستيابي ظاهر ڪري ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ دستياب هوندو.
ذريعن موجب، ڪپتان بابر اعظم جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ فزيڪل ٽريننگ جاري آهي ۽ هو ايندڙ هفتي نيٽ پريڪٽس شروع ڪندو.
ياد رهي ته ان کان اڳ قمي ڪرڪيٽ ٽيم جي بنگلاديش خلاف هوم سيريز ۾ بابر، رضوان ۽ شاهين کي ڊراپ ڪري نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو.
بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ آگسٽ جي ٽئين ۾ پاڪستان ايندي، ٽيسٽ ميچون ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهن جڏهن ته ٽيسٽ ميچون ڪراچي راولپنڊي ۾ ڪرائڻ جي تجويز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.