اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل اينٽي ڪرپشن بيورو (نيب) 190 ملين پائونڊز ريفرنس ۾ عمران خان جي ضمانت جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو.
190 ملين پائونڊز ريفرنس عمران خان کي ضمانت ڏيڻ جي فيصلي خلاف چيئرمين نيب سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 15 مئي تي 15 ملين پائونڊز ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني 10 لک رپين جا مچلڪا تي ضمانت منظور ڪئي هئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدار جي ضمانت ڏيڻ دوران حقيقت کي نظر انداز ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون جي نظر ۾ صحيح ناهي، سپريم ڪورٽ کان استدعا آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رد قرار ڏنو وڃي.
احتساب عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست ضمانت رد ڪئي هئي جنهن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو ويو.
Pakistan Imrankhan PTI
You might also like