اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي پارليماني پارٽي اجلاس بابت اندر جي خبر سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي پارليماني پارٽي اجلاس دوران پارٽي اڳواڻن ۾ اختلافن ۽ جهيڙن تي ميمبرن کلي ڪري ڳالهايو، عمر ايوب ۽ بئرسٽر گوهر جي موجودگيءَ ۾ ميمبرن قيادت جي ڪارڪردگيءَ تي خدشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب هڪ ميمبرن انڪشاف ڪيو ته عمر ايوب جي استعيفيٰ بعد پنجاب ۾ متبادل آڻڻ جي ڪوشش شروع ٿي وئي آجي.
ذريعن ٻڌايو ته ميمبرن راءِ ڏني آهي ته شيخ وقاص اڪرم کي عمر ايوب جي متبادل طور سامهون آندو پيو وڃي، اسد قيصر قيادت جي همرانن اختلافن ۽ مسئل جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري.
ذريعن جو چوڻ آهو ته پارليماني پارٽي جي ميمبرن راءِ ڏني آهي ته پاڻ ۾ نفرتون ختم ڪيون وڃن، بئريسٽر گوهر علي، عمر ايوب ۽ زرتاج گل پارٽي جي اختلافن جي خاتميءَ ڪوششون وٺڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
PTI Pakistan ImranKhan
You might also like