انٽرينشل ڪرڪيٽرن ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کي وڌيڪ اهم قرار ڏئي ڇڏيو

ورلڊ ڪرڪيٽر ايسوسيئيشن طرفان ڪيل سروي ۾ انٽرنيشل ڪرڪيٽرز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي.
ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن جي سروي ۾ 13 ملڪن جي ٽي سئو رانديگرن راءِ ڏني جڏهن ته پاڪستان، ڀارت ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽرز کي ڊبليو سي اي جي سروي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.
ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن جي سروي موجب، هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي جي مقوبليت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، 2029 ۾ 82 سيڪڙو انٽرنيشنلز ڪرڪيٽرز ٽيسٽ، 11 ٽي ٽوئنٽي ۽ 7 سيڪڙو ون ڊي کي اهم قرار ڏنو هو، 5 سالن بعد 2024 جي سروي ۾ ٽيهه سيڪڙو رانديگرن جي نظر ۾ ٽي ٽوئنٽي اهم فارميٽ آهي.
تازي سروي ۾ ٽيسٽ کي 48 سيڪڙو رانديگر اهم سمجهن ٿا ۽ 22 سيڪڙو جي نظر ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ اهم آهي.
2019 ۾ 15 سيڪڙو رانديگرن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي ۽ 85 سيڪڙو ون ڊي ورلڊ ڪپ کي اهميت ڏني هئي، تازي سروي ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي مقبوليت 35 سيڪڙو ٿي وئي آهي جڏهن ته 2024 جي سروي ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ کي اهم سمجهڻ وارن جو انگ 50 سيڪڙو آهي.
ان کانسواءِ هلندڙ سال پندرنهن سيڪڙو رانديگرن ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کي اهم قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.