اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن بابت پيپلزپارٽي جي ترميم اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي.
پيپلزپارٽي جي عبدالقادر پٽيل اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون وڌائڻ بابت ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي، پگهارن ۽ مراعت ايڪٽ ۾ ترميم فنانس بل ذريعي ڪئي پئي وڃي.
مخالف ڌر پگهارن ۽ مراعتن بابت پيپلزپارٽي جي ترميم جي مخالفت ڪئي.
ترميم منظور ٿيڻ سان ميمبرن جو سفري الائونس 10 رپيا في ڪلوميٽر کان وڌي 25 رپيا ڪيو ويو، ساليانا هوائي ٽڪٽس استعمال نه ٿيڻ جي صورت ۾ رد ٿيڻ بدران ايندڙ سال ۾ استعمال جي قابل هوندا، ساليانو ٽريولنگ ووچرز 25 کان وڌي 30 ٿي ويو.
اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن جو اختيار وفاقي حڪومت کان وٺي لاڳاپيل ايوان جي فنانس ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.
Pakistan Politicians Govt
You might also like