ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فائنل، مداحن لاءِ بُري خبر اچي وئي

( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جو فائنل سڀاڻي ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته فائنل دوران برسات جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.
مقامي موسميات کاتي ڇنڇر ۽ آچر تي بارباڊوس ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
ڇنڇر واري ڏينهن ميچ دوران بارباڊوس ۾ صبح کان شام ڇهه وڳي تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
فائنل لاءِ آچر تي ريزرو ڊي رکيو ويو آهي پر ان ڏينهن به باربيڊوس ۾ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته آچر تي صبح 11 وڳي کان شام پنجين وڳي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ورلڊ ڪپ جي پليئنگ ڪنڊيشنز موجب فائنل ۾ ميچ جي ٻنهي ڏينهن لاءِ 190 منٽ جو اضافي وقت رکيو ويو آهي.
ياد رهي ته ميچ جو آفيشل دورانيو مقامي وقت موجب صبح ساڍي ڏهين وڳي کان منجهند هڪ لڳي چاليهه منٽن تائين آهي ۽ واڌو وقت جي صورت ۾ 4 لڳي 50 منٽن تائين جاري رهندي.
جيڪڏهن فائنل مڪمل نه ٿي سگهيو ته ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا کي گڏيل طور ٽي ٽوئنٽي چيمپيئن قرار ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.