قومي اسيمبلي مان 18 هزار 887 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي مالي سال 25-2024 جو وفاقي بجيٽ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.
قومي اسيمبلي ۾ اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ 18 هزار 887 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي.
اسپيڪر اياز صاد جي صدارت هيٺ اجلاس ناڻي وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب فنانس بل ۾ ترميمون ايوان ۾ پيش ڪيون، پيٽروليم شين تي لاڳو ٿيل ليوي ۾ واڌ جي به ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي وئي.
حڪومت مالي جي وفاقي بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي کي 60 رپين مان وڌائي 80 رپيا في ليٽر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوريءَ دوران قومي اسيمبلي ۾ بچاءَ واري وزارت جا 2149 ارب 82 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا مطالبا به منظور ڪيا ويا.
انٽيليجنس بيورو جو 18 ارب 32 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو مطالبو جڏهن ته اسلام آباد جي ضلعي عدالتن لاءِ هڪ ارب 36 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو مطالبو منظور ڪيو ويو.
هوابازي ڊويزن جا 26 ارب 17 ڪروڙ جا 3 مطالبا ۽ موسمياتي تبديلين جا 7 ارب 26 ڪروڙ 72 لک جا 2 مطالبا به منظور ڪيا ويا.
اسيمبلي ۾ واپار واري وزارت 22 ارب 73 ڪروڙ 75 لک رپين، مواصلات ڊويزن جا 65 ارب 31 ڪروڙ 50 لک 59 هزار جا 4 مطالبا، دفاعي پيداوار ڊويزن جا 4 ارب 87 ڪروڙ 9 لک 50 هزار رپين جا ٻن مطالبن جي منظوري ڏني وئي.
ياد رهي ته 12 جون تي وفاقي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 25-2024 جو بجيٽ پيش ڪيو هو.
Pakistan NationalAssembly Budget2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.