لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته صوبائي حڪومت پنهنجي پهرين بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، مان مقدس ايوان سامهون پنجاب جي عوام کي چوڻ چاهيان ٿي ته اسان پنجاب جي تاريخ جي سڀ کان وڏي بجيٽ پيش ڪئي آهي.
پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي گوڙ دوران وزيراعليٰ مريم نواز خطاب ڪيو.
پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت کي 100 ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن، ان دوران اپوزيشن طرفان نعريبازي ڪئي وئي، جنهن تي مريم نواز کين چيو ته ويهي رهو، اوهان جو ڳلو ٿڪجي پوندو.
هن چيو ته اسان مالي سال جي پنهنجي پهرين بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، مان مقدس ايوان سامهون پنجاب جي عوام کي چوڻ چاهيان ٿي ته اسان پنجاب جي تاريخ جي سڀ کان وڏي بجيٽ پيش ڪئي آهي.
مريم نواز چيو ته اپوزيشن وارا منهنجا ڀائر ڀينرون آهن، مون کي خبر آهي ته انهن مان کوڙ محب وطن پاڪستاني آهن، هن ڀيري پنجاب جي عوام تي ڪو ٽيڪس ناهي لڳايو.
Prev Post
You might also like