اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان ليوي چارجز وڌيج وڌائڻ جي صورت ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي، ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول 7 رپيا 54 پئسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 84 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو.
ليوي چارج کي 5 رپيا في ليٽر واڌ ٿي سگهي ٿي، جنهن ڪري پيٽرول 12 رپيا 54 پئسا ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 14 رپيا 84 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اگهن بابت حتمي فيصلو 30 جون تي فنانس ڊويزن جي صلاح مشوري بعد ڪيو ويندو.
Pakistan Petroleum Govt