دادو شھر جي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو، هڙتال

دادو(ڊ ر) دادو شھر جي مسئلن جي حل لاءِ دادو رابطا ڪاميٽي سول سوسائٽي جي سڏ تي اڳواڻن پاران ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي  احتجاجي مظاھرو ڪري دادو پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، اڳواڻن غلام مصطفيٰ جانوري، شھباز پنھور، فاروق جتوئي ۽ ٻين احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪئي ۽ بک هڙتال ڪئمپ تي ذميوار ڌرين خلاف سخت نعريبازي ڪئي، اڳواڻن چيو ته قھر جي گرمي ۾ شھر جي بجلي 16 ڪلاڪن تائين ھٿ سان بند ڪئي وڃي ٿي، صارفين کي بجلي جا ڳرا بل، واڌو بل لڳايا وڃن ٿا ۽ صارفين تي سيپڪو اختيارين پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا وڃن پيا، ميونسپل ڪاميٽي جي ماھوار 5 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بجٽ ھجڻ باوجود شھر گندگي جي ور چڙھيل آھي، شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به فراھم نه ٿو ڪيو وڃي روينيو کاتي ۾ داخلا، فرد ۽ فوتي کاتا تبديل ڪرائڻ لاءِ شھرين ڳري رشوت ورتي پئي وڃي، مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان سميت اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.