عدت ۾ نڪاح ، عمران ۽ بشريٰ بي بي جون اپيلون رد، 7، 7 سال قيد برقرار

راولپنڊي (م ڊ) عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون سزا خلاف اپيلون رد ڪيون ويون. ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلن تي محفوظ فيصلو ٻڌايو. ان موقعي تي اڊيالا جيل ٻاهران سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظاميا ڪيا ويا هئا ۽ جيل ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا هئا.واضح رهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي عدت ۾ نڪاح بابت ڪيس ۾ 3 فيبروري 2024 تي 7-7 سال قيد جي سزا ٿي هئي، جنهن کي هنن چئلينج ڪيو هو. ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا عدت ۾ نڪاح ڪيس جو فيصلو 25 جون تي محفوظ ڪيو هو، هاڻ سزا خلاف مرڪزي اپيلن تي ٻڌڻي 2 جولاءِ تي ٿيندي.  تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته انهن اپيلن ۾ ڪو به ٺوس سبب پيش نه ڪيو ويو جنهن جي بنياد تي ڪيس ۾ ڏنل سزا معطل ڪري سگهجي. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عورت ڏوهارڻ به ضمانت جي دعويدار نه ٿي ٿي سگهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جيتوڻيڪ ضابطه فوجداري جي سيڪشن 426 قابل ضمانت آهي پر اهو عام اصول ناهي ته ضمانتي ڏوهه ۾ ضمانت حاصل ڪرڻ ملزم يا مجرم جو حق آهي. عدالت پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته عدت دوران نڪاح جي فيصلي خلاف جوابدارن جون مرڪزي اپيلون به هن عدالت ۾ هلندڙ آهن ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب انهن مرڪزي اپيلن تي به فيصلو 12 جولاء تائين ٿيڻو آهي. جج طرفان اپيلن تي فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج شروع ڪري ڇڏيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.