ڪي پي ڪي حڪومت پاران 9 مئي بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو

پشاور (م ڊ): خيبرپختونخواه حڪومت 9 مئي سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خيبرپختونخواه جي وڏي  وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 9 مئي جي واقعن تي عدالتي ڪميشن جي قيام جي منظوري ڏني وئي. ڪي پي ڪي جي ڪابينا موجب واقعي جي جاچ ڪري 9 مئي جي ڪردارن کي وائکو ڪيو ويندو. خيبرپختونخواه جي قانون واري وزير آفتاب عالم تصديق ڪندي چيو ته 9 مئي سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.