بوليويا ( عوامي آواز نيوز) ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ بوليويا ۾ فوجي بغاوت ناڪام، عوام رستن تي نڪري فوج کي صدر لوئس جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قابض ٿيڻ کان روڪي ورتو، بوليويا فوج جي آرمي چيف جو آن هوزي زونيگا جي قيادت ۾ بوليويا جي فوج صدارتي محل سميت گاديءَ واري شهر لاپاز جي اهم شاهراهن تي قبضو ڪري ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ فوجي دستن بڪتر بند گاڏين سوار ٿي گاديءَ واري شهر جي اهم چونڪ موريلو اسڪوائر تي پوزيشن سنڀالي ورتي ۽ صدارتي محل طرف ايندڙ ويندڙ سمورن رستن کي بند ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري رائٽر جي رپورٽ موجب بغاوت جي صورتحال ۾ ملڪ جي صدر لوئس ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي عوام کي اهڙي بغاوت خلاف منظم نموني متحرڪ ٿي مزاحمت ڪرڻي پوندي. صدر لوئس جي اهڙي اپيل تي عوام زبردست رد عمل جو اظهار ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيو ۽ فوجي بغاوت خلاف عملي مزاحمت شروع ڪري ڏني. صدر لوئس بغاوت دوران جوزف ولسن سانچيز کي نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو ۽ کيس امن امان جي قيام لاءِ عملي قدم کڻڻ جو حڪم ڪيو.جنهن پنهنجيون ذميواريون سنڀاليندي ئي صدارتي محل جو ڪنٽرول سنڀاليندڙ بغاوت ڪندڙ آرمي چيف جوآن هوزي زونيگا کي حراست ۾ ورتو . نئين آرمي چيف جوزف ولسن سانچيز پنهنجي پهرين تقرير ۾ بغاوت ڪندڙ آرمي چيف ۽ سمورن فوجين کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان توهان جو ڪپتان آهيان ۽ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان ته بغاوت ختم ڪري فوجي بيرڪن ڏانهن هليا وڃون مان ملڪ ۾ اعلى قيادت جي حڪم عدولي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس، فوجين کي حڪم ڏيندي چيو ته هو پنهنجن يونٽن ۾ هليا وڃن. بوليويا ۾ فوجي بغاوت جي ناڪاميءَ جي اعلان بعد لکن جي انگ ۾ عوام رستن تي نڪري آيو. جڏهن ته بوليويا جي اٽارني جنرل بغاوت ڪندڙ آرمي چيف خلاف تحقيقات جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.واضع رهي ته بوليويا ۾ ايندڙ چونڊون 2025 ۾ٿينديون جنهن کان اڳ سياسي حالتن ۾ غيريقينيءَ واري صورتحال جنم وٺي رهي آهي. کاٻي ڌر جو اڳواڻي صدر ايوو مورالس پنهنجي اڳوڻي اتحادي لوئي آر خلاف چونڊون وڙهڻ جو ارادو رکي ٿو، پر ملڪ جو اڪثر عوام ۽ سياسي حلقا مورالس جي واپسيءَ نه ٿا چاهين جنهن کي 2020 ۾ مظاهرن بعد برطرف ڪيو ويو هو جنهن بعد هڪ عبوري حڪومت جوڙي وئي هُئي جنهن بعد چونڊن ۾ لوئس آر سي کي ڪاميابي نصيب ٿي هُئي.