ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي مان 213 بلين رپين جي سپليمينٽري بجيٽ پاس، مخالف ڌر پاران بجيٽ مان ڪٽوتي جون 273 تحريڪون پيش، اڄ ايندڙ مالي سال جي صوبائي بجيٽ ۽ فنانس بل پاس ڪرايو ويندو، وڏي وزير ڦر مزاحمت ۾ مارجي ويلن جي وارثن لاءِ 10، 10 لک امداد جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزيرمراد علي شاهه چيو آهي ته ٽيڪس جو دائرو وڌايون پيا، ان جوغريب عوام تي اثر نه پوندو، اهڙواظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث کي سهڙيندي ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ جي سنڌ حڪومت عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ عوام جي ڪيل اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اسان ميڊيا آڏو نه پر عوام جي آڏوجوابده آهيون، هن چيو ته ايندڙ سال دوران ترقياتي اسڪيمن کي مڪمل ڪري ڏيکارينداسين، ڪراچي ۾ پاڻي ۽ ٻيا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ مارجي ويندڙ شهرين کي في شهري 10 لک رپيا معاوضوڏنو ويندو، هن چيو ته ٽيڪس جودائرو وڌايون پيا، آئنده هر اهو اسڪول جنهن جي في سال ۾ 5 لک رپين کان وڌيڪ هوندي ان کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، 42 هزار ماهوار في وٺندڙ اسڪولن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي، اتان ملندڙ ٽيڪس جي رقم تعليم کاتي کي ڏني ويندي، جنهن اسپتال جي بيڊ جي في روزاني 25 هزار کان وڌيڪ هوندي ان کي به ٽيڪس ڏيڻو پوندو، 3 هزار رپين کان وڌيڪ في وٺندڙ ڊآڪٽر به ٽيڪس ڏيندو، هن چيو ته اسان وٽ 117 سيٽون آهن، ايندڙ چونڊن ۾ ان کان به وڌيڪ سيٽون حاصل ڪنداسين، هن چيو ته صوبي ۾ گهڻا ترقياتي ڪم ڪيا آهن، ٿر ۾ ايئر پورٽ، اسپتالن، اسڪولن ۽ سوشل سيڪٽر تي گهڻو ڪم ڪيو، ٿر ۾ آر او پلانٽ ۽ ٽرڪون به عورتون هلائين ٿيون، ايس آءِ يو ٽي ۾ پوري ملڪ مان مريض اچن ٿا، وڏي وزير مخالف ڌر اڳواڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته هنن سنڌ کي ڏٺوئي نه آهي، ڏسو ته خبر پوندي ته ڪيترو پئسو خرچ ٿيو آهي، روڊن جوڄاروڇايو آهي، منڇر ڍنڍ جابند وڏا ڪيا آهن، هن چيو ته وفاق کان مطالبو ڪيون ٿا ته لياري ايڪسپريس وي اسان جي حوالي ڪيووڃي ته هيوي ٽريفڪ به هلايون، هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ پ پ زيرو ۽ مخالف ڌر سڀ سيٽون کڻندي هئي هاڻي پ پ سڀ سيٽون کڻي پئي ڪراچي ۾ به مستقبل ۾ مخالف ڌر زيرو ٿي ويندي، هن چيو ته اسپورٽس ۽ يوٿ لاءِ گهڻا منصوبا ڏنا آهن، وفاقي حڪومت ضلعي ليول تي پنجاب ۾ ڪم ڪرايا پر سنڌ ضلعي ليول تي ته ٺهيو هاءِ ويز تي به ڪم نه پيو ڪيووڃي، وزيراعظم سنڌ سان انصاف ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هن چيو ته صوبي جي عوام لاءِ ڪم ڪندڙن کي فارم 45 ۽ فارم 47 جي چڪر جي ضرورت ئي نه پوندي، حب ڪئنال منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ڪنداسين، سيف سيٽي منصوبي ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ ۽ نڪرندڙ رستن کي مانيٽر ڪيو ويندو، 40 کن انٽري پوائنٽس آهن، اسٽريٽ ڪرائيم تي گهڻو افسوس آهي، ڦر دوران 85 ماڻهو مارجي ويا، مارجي ويلن وٽ وڃڻ گهرجي ها پرنه وڃي سگهياسين، اهااسان جي غلطي آهي، ان ڪري فيصلوڪيو آهي ته مارجي ويندڙ في ماڻهو جي وارثن کي 10 لک رپيا ڏنا ويندا، هن چيو ته ماحول تي سنڌ حڪومت 22 ملين رپيا خرچ ڪيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي دنيا جي وڏي هائوسنگ اسڪيم آڻيون پيا، جنهن تحت 21 لک گهر ٺاهيا ويندا، ان مان 8 لک عورتون گهر ٺاهي رهيون آهن، ڏيڍ لک کان وڌيڪ گهر تيار آهن، هن چيو ته ڪراچي منهنجو شهر به آهي ڪراچي ۾ هڪ سال ۾ 100 ايم جي ڊي پاڻي ڏنو ويندو. ان بعد وڏي وزير 213 بلين جي ضمني بجيٽ ايوان ۾ پيش ڪئي جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي، جڏهن ته سڀاڻي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پاس ڪئي ويندي، اسپيڪر اجلاس اڄ صبح 10 لڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيوآهي.