اليڪشن ڪميشن وٽ ڪنهن پارٽيءَ کي چونڊن کان ٻاهر ڪڍڻ جو اختيار ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) :  سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن واري معاملي تي ٻڌڻيءَ دوران جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن به پارٽي کي چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ جو اختيار ناهي. سپريم  ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ جي سربراهيءَ ۾ قائم فل ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان عدالت کي فراهم ڪيل دستاويزن ۾ تضاد آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن نشان نه ملي ته ڪنهن اميدوار جو پارٽيءَ سان لاڳاپو ٽُٽي سگهي ٿو؟ ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر چيو ته اليڪشن ڪميشن اميدوار کي آزاد ڪيو، اليڪشن وڙهي، پوءِ جيڪڏهن هو ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو ته اليڪشن ڪميشن ساڻس ڀوڳ ڪري چئي رهيو آهي ته ان پارٽيءَ ۾ ڪيئن شامل ٿي سگهو ٿا؟ جسٽس منيب اختر اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي دليلن دوران رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين کي آزاد قرار ڏنو، هو آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿي واپس پنهنجي پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ هاڻي توهان چئو ٿا ته سني اتحاد ڪائونسل جو چيئرمين پاڻ ڪيئن پارٽي ۾ شامل ٿيو؟ جسٽس يحيٰ آفريدي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏنيون؟ جنهن تي وڪيل سڪندر بشير جواب ڏنو ته تحريڪ انصاف کي ڪا به مخصوص سيٽ ناهي ڏني وئي. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چوي ته اليڪشن ڪميشن فيصلي جي غلط تشريح ڪئي ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي چونڊن کان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو، اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته ڪنهن به پارٽي کي چونڊن کان ٻاهر ڪري. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس منصور علي شاهه اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪڏهن ۽ ڪٿي ويهي فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن چونڊ نشان نه هوندو ته پي ٽي آءِ پارٽي نه رهندي؟ هن چيو ته هن اجلاس جو رڪارڊ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڏيکاريو. جسٽس منصور علي شاهه اهو به چيو ته توهان هن پارٽي کي رڳو ان ڪري اليڪشن کان ٻاهر رکيو ته ان وٽ چونڊ نشان نه هو. ان موقعي تي جسٽس اطهر من الله چيو ته ان جو مطلب آهي ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح ڪئي ۽ وڏي پارٽي کي اليڪشن مان ڪڍي ڇڏيو، هاڻي چونڊ نشان جو فيصلو ڪندڙ بينچ ٻڌائي رهي آهي ته اوهان جي تشريح غلط هئي. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته هڪ اميدوار جي ڳالهه ناهي، تحريڪ انصاف جي ڳالهه ٿي رهي اهي، جيڪا قومي جماعت آهي، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي چيو ته توهان کي نشان نه ملندو، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو پر ائين نه چيو هو ته تحريڪ انصاف کي چونڊن کان ٻاهر ڪري ڇڏيو. جسٽس منيب چيو ته سپريم ڪورٽ جو تحريڪ انصاف کي چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ جو قطعي مقصد نه هو. سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.