اسٽيبلشمينٽ سياسي معاملن کان پري ٿيندي ته سڀ خير ٿي ويندو: فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) جمعيت علماءَ اسلام ( جَي يو آءِ ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته سڀ خير ٿي ويندو ملڪ ڏيوالپڻي ڏانهن وڃي رهيو آهي، حڪومت ٽيڪس لڳائڻ ۾ پوري آهي، پارليامينٽ پنهنجو ڪيس  هارائي چڪي آهي، اسٽيبلشمينٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي ته ائين ٿيندو.. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ته عوام دوست بجيٽ آهي پر ملڪ تباهه ٿي ويو آهي، اقليت حڪومت ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي حڪومت جو حصوناهي . ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم ويجهڙ ۾ چين جو دورو ڪيو، سفارتي حوالي سان وزيراعظم جو چين جو دورو ڪامياب ناهي رهيو. سندس چوڻ هو ته چين جا مهمان آيا ۽ هنن جواب ڏنو ته پاڪستان ۾ عدم استحڪام آهي، چين کان آيل مهمان چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ٺيڪ نه آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته آپريشن ذريعي چين جا مطالبا پورا ڪيا پيا وڃن، ان تي اسٽيبلشمينٽ جو موقف واضح نه آهي.  هن وڌيڪ چيو ته مون مشورو ڏنو ته ڦڏو نه ڪيو وڃي، پڇيو ويو ته ڦڏو ڇا آهي، مون چيو اهو وٺڻ کان پوءِ خبر پوندي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ئي وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏني هئي جڏهن ته جي يو آءِ، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ اي اين پي پارليامينٽ جي منظوري کانسواءِ ڪنهن به نئين آپريشن جي مخالفت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.