اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو بيهر تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي ته انصاف جو پاسو سدائين وزنائتو هجڻ گهرجي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني کي ڏکيائيون آهن ته اچي ويهي ڳالهائي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته 2018 ۾ ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي هئي پر ميثاق معيشت جي آڇ تي جيڪي نعرا بلند ٿيا هئا، اهي ذڪر جوڳا ناهن. سندس چوڻ هو ته علي محمد خان جذباتي تقرير ڪئي، ڪاش هو منهنجي ماءُ جي لاڏاڻي جو حوالو به ڏئي ها، جيل سپرنٽينڊنٽ کي ماءُ جي لاڏاڻي جي ڏينهن موڪل جي درخواست ڏني پر موڪل نه ملي، مان هتي پنهنجي ذاتي تڪليف نٿو ٻڌائڻ چاهيان. وزيراعظم چيو ته مان به ڪينسر جو مريض آهيان ۽ مان به جيل ۾ رهيو آهيان، مون کي قيدين جي وين ۾ آندو ويندو هو ته جيئن چيلهه ۾ وڌيڪ تڪليف ٿئي، اسان کي گهر جو کاڌو نه ڏنو ويندو هو، دوائون بند ڪيون ويون، اسان نٿا چاهيون ته انهن سان به اهڙيون زيادتيون ٿين. شهباز شريف چيو ته ڪو دور هو جو هن ايوان ۾ تنقيد باوجود سياستدان هڪٻئي سان ڏک سک ۾ شريڪ هوندا هئا، 76 ورهين کانپوءِ به اسان هڪٻئي سان هٿ ملائڻ کان ڪيٻايون ٿا.
اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته هنن سان ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن منهنجو وزيراعظم عمران خان ٻاهر ايندو، ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن اسان جا قيدي ٻاهر ايندا. وزيراعظم جي تقرير جي جواب ۾ قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته مان فارم 47 جي وزيراعظم کي ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو، ماحول بهتر ٿي رهيو آهي. اپوزيشن اڳواڻ چيو ته مون کي جواب ڏيڻ جو حق آهي، هنن سان ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن منهنجو وزيراعظم عمران خان ٻاهر ايندو، ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن منهنجا قيدي ٻاهر ايندا، هي هائوس ان وقت هلي سگهندو جڏهن اسان جو احترام ڪيو ويندو. عمر ايوب چيو ته شهباز شريف والده جي جنازي جو ذڪر ڪيو، اسان ڪلثوم نواز جي جنازي ۾ شريڪ ٿياسين پر مان پنهنجي والد جي جنازي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس. مفاهمت تڏهن ٿيندي جڏهن اوهان ياسمين راشد، محمودالرشيد، حسان نيازي سان زيادتي جو احساس ڪندو. ان دوران اسپيڪر هڪ دفعو ٻيهر مداخلت ڪئي ۽ چيو ته اوهان ويهي رهو اوهان جون ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، اوهان کي موقعو ڏنو ان جو جواب اچي ويو آهي، اوهان جي نالي تي ڪوبه ڪٽ موشن نه آهي. عمر ايوب پنهنجي تقرير جاري رکي ۽ چيو ته منهنجي اڳواڻ کي ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي جڏهن ته هنن کي ته جيل ۾ ايئرڪنڊيشن مليل هئا، آرمي چيف سان ملاقات ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس گهرائڻ جو چيو هو، مطالبو ڪيو هو ته انٽيليجنس فيلٽر جو ذميوار ڪير آهي ٻڌايو وڃي؟ عمر ايوب وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام جو سبب قانون جي حڪمراني نه هجڻ آهي.