پي ٽي آءِ ۾ اختلاف، 21 اسيمبلي ميمبرن جو ڌار ڌڙو قائم

پشاور(م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. ذريعن موجب شهريار  آفريدي جي استعيفيٰ بابت بيان کانپوءِ 27 کان وڌيڪ ميمبرن استعيفيٰ تي صلاح مشورا ڪيا، جڏهن ته شاندانا گلزار ۽ شيرافضل مروت سميت ڪيترن ئي ميمبرن پارٽي قيادت جي نااهلي تي احتجاج پڻ ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن اختلافن سبب پارلياماني پارٽي جي اجلاسن ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ورتي آهي ۽ اڳواڻن شڪايت ڪئي آهي ته سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر ۽ قومي اسيمبلي ۾ سينيئر قيادت ڪميٽين لاءِ سمجهوتو ڪري رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميمبرن جو خيال آهي ته پارٽي قيادت باني پي ٽي آءِ ۽ اڳواڻن کي آزاد ڪرائڻ بدران عهدن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.