ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران سنڌ جي سينيئر وزير اطلاعات، ايڪسائيز ۽ ٽرانسپورٽ کاتن جا قلمدان رکندڙ شرجيل انعام ميمڻ سنڌ حڪومت جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي پيش ڪندي چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ صوبي جي تصوير خراب ڪري پيش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي حالت ايتري خراب آهي ته پوءِ پوري ملڪ مان لکين ماڻهو سنڌ ڇوٿا اچن،جيڪڏهن پوري ملڪ جو رخ سنڌ ڏانهن هوندو ته پوءِ گادي واري شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سميت ٻيا مسئلا به پيدا ٿيندا، هن چيو ته نئين سال ۾ ايڪسائيز کي 203 ارب رپين جي وصولي جوٽارگيٽ مليو آهي، ڪابينا جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون آهي، هن چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ بائيو ميٽرڪ نظام لانچ ڪيو آهي، غلط نمبر پليٽ لڳائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، اسڪولن ۾ والدين جي مشوري سان ڊرگ ٽيسٽ ڪيا ويندا، رزلٽ والدين کانسواءِ ڪنهن سان شئير نه ڪنداسين، منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جاري آهي، ڪنهن کي بخش نه ڪنداسين، 150 منشيات فروش گرفتار ڪري 135 ڪيس داخل ڪيا آهن، آفيسرن توڙي سرمائيدارن جو اولاد به منشيات جي لعنت ۾جڪڙيل آهي، هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي يلو لائين، بي آر ٽي، ريڊلائين منصوبن تي ڪم هلي پيو، ريڊلائين ڪراچي جي عوام لاءِ تحفو آهي، نيت صاف منزل آسان آهي، هن چيو ته پيپلز بس سروس ميرپورخاص ۾ شروع ڪئي آهي، شهيد بينظير آباد ۾ به ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿي ويندي، وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي لاءِ 150 بسن جي ڪيل واعدي تي عمل ڪري،