بلوچستان مان ٽي ٽي پي جي دفاعي شوريٰ جو سربراهه گرفتار، اهم انڪشاف

ڪوئيٽا (م ڊ ) پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ  طالبان پاڪستان جي دفاعي شوريٰ جي سربراهه کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جاچ دوران ٽي ٽي پي افغان طالبان، ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ۽ پابندي مڙهيل بي ايل اي سان ڳٺ جوڙ بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن. بلوچستان جي گهرو وزير ضيا لانگو چيو آهي ته بلوچستان مان دهشتگردي جو هڪ اهم نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي. پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن اهم ڪمانڊرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي. دهشتگردن کي هڪ مشڪل آپريشن کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو. ضيا لانگو چيو ته دهشتگرد ڪاررواين جي پٺيان ڀارت جو هٿ آهي. ڀارت دهشتگردن جي مالي مدد ڪندو آهي جيڪي نوجوان ٻاهر ويٺل آهن انهن کي ورغلايو ويو آهي نوجوان دشمن جي ارادن جي سڃاڻپ ڪن، انهن جي ڳالهين ۾ نه اچن. گمراهه ماڻهو پنهنجي ملڪ صوبي ۽ ماڻهن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. بلوچستان جي گهرو وزير ضيا لانگو پابندي مڙهيل تنظيم جي گرفتار دهشتگرد نصرالله محسود جو وڊيو بيان به هلايو جنهن ۾ دهشتگرد نصرالله محسود ٻڌايو ته هن پاڪ  افغان بارڊر تي پاڪ فوج جي چيڪ پوسٽ تي تخريبي ڪارروايون ڪيون. ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ به تخريبي ڪارروايون ڪيون ويون. دهشتگرد نصرالله محسود پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مان تصديق سان چئي سگهان ٿو ته ٽي ٽي پي جو سمورو نظام خاص طور تي مالي نظام جي پٺيان هندستان  آهي، ٽي ٽي پي اڳواڻ مفتي نور ولي محسود ڪابل ۾ ڀارتي سفارتخاني وڃي بدنام زمانه ڳجهي ايجنسي را جي اختيارين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مڪمل پٺڀرائي موجوده افغان حڪومت ڪري رهي آهي. موجوده افغان حڪومت ٽي ٽي پي کي نه صرف مالي مدد ڪري رهي آهي پر انهن جي ٽريننگ ۽ مدد پڻ ڪري رهي آهي. گرفتار دهشتگرد چيو مان مفتي نور ولي محسود کان سوال ڪريان ٿو ته ان جي ۽ ان جي زال ٻارن جي استعمال هيٺ بم پروف گاڏيون ان وٽ ڪٿان کان آيون آهن؟ اهو ٻين جي ٻارن تي ته آپگهاتي حملا ڪرائي انهن کي جنت ۾ پهچائڻ جي فتويٰ ته ڏئي ٿو پر  پنهنجي 9 ٻارن مان ڪنهن هڪ کي به جنت ۾ اماڻڻ لاءِ استعمال ڇو نٿو ڪري.دهشتگرد نصرالله چيو ته مان پاڻ محسود آهيان ۽ ان ڳالهه جو ڌيان سموري قبائلين طرف ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اهي به مفتي نور ولي کان سوال ڪن ته دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ صرف ٻين قبيلن جا ٻار  ئي ڇو ماريا ويندا آهن؟ مون کي يقين آهي ته ٽي ٽي پي جي قيادت خاص طور تي مفتي نور ولي انهي جو جواب نه ڏئي سگهندو پر مان انهي ڳالهه جو جواب ڏيڻ چاهيان ٿو ته ٽي ٽي پي جي سمورن وڏن عهدن تي خاص طور تي مالي معاملن لاءِ پهرين ۽ آخري شرط محسود هجڻ آهي. جڏهن ته ٻيلن قبيلن جي ٻارن کي ناحق مارائي پاڪستان دشمن طاقتن جي ناپاڪ مقصدن کي پورو ڪيو پيو وڃي. اڄ به 70 کان 80 سيڪڙو محسود ٽي ٽي پي ۾ ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ۾ ڪمانڊر آهن جنهن جو سبب ٽي ٽي پي ۾ اندروني طور تي ڳڻتي ڇانيل آهي.هن ٻڌايو ته مفتي نور ولي سميت ٽي ٽي پي جي سموري قيادت افغانستان ۾ موجود آهي. جنهن کي افغان طالبان جي مڪمل حمايت حاصل آهي. ٽي ٽي پي جا سمورا ڪمانڊر افغانستان ۾ کلي عام گهمي ڦري رهيا آهن. جڏهن ته بي ايل اي مجيد بريگيڊ جو ڪمانڊر بشير زيب به افغانستان ۾ موجود آهي اهي سڀ پاڻ ۾ ملندا آهن ۽ انهي جي پٺيان را جو هٿ آهي. مفتي نور ولي ڀارتي سفارتخاني ۾ بشير زيب سان به ملاقاتون ڪندو رهيو آهي. بي ايل اي جي هڪ اڳواڻ اسان کي رات جي اونداهي ۾ مشڪل علائقي مان بارڊر ڪراس ڪرايو ۽ بي ايل ايل جي هڪ اڳواڻ جي حوالي ڪري ڇڏيو. سفر جي دوران اهو اڳواڻ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو ۽ فون تي ڳالهائيندو رهيو مون کي ۽ ساٿين کي انهي تي شڪ ٿيو. مذڪوره اڳواڻ سان اسان ٿورو ئي سفر قلات طرف ڪيو ته فوج جي هڪ پيٽرولنگ پارٽي نظر ۾ اچي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.