شيرين مزاريءَ جي گرفتاري غير قانوني قرار، جاچ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي گرفتاريءَ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪميشن جي رپورٽ کي ڪالعدم قرار ڏيندي سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ ڊويزن ۽ پنجاب جي گهرو کاتي کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. 14 مئي 2024ع تي ٿيل ٻڌڻي ۾ عدالت اينٽي ڪرپشن پنجاب طرفان 2022ع ۾ اڳوڻي وفاقي وزير شيري مزاري جي گرفتاري خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته جڏهن ڪنهن جي گرفتاري کي ڪوڙو قرار ڏنو وڃي. ان دوران جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي حيثيت ڪهڙي هوندي؟ اسان رڳو اهو ڏسي رهيا آهيون ته اسلام آباد مان گرفتاري اسان جي دائري ۾ آهي يا نه؟ واضح رهي ته21 مئي 2022 تي اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو. ٻئي طرف ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ شيرين مزاري جي ڌيءُ ۽ مشهور وڪيل ايمان زينب مزاري چيو ته مرد پوليس منهنجي ماءُ کي ماريو ۽ کيس کڻي ويا، مون کي رڳو اهو ٻڌايو ويو ته کين لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڊاڪٽر شيرين مزاري کي قانون موجب اسلام آباد جي ليڊيز پوليس اهلڪارن گرفتار ڪيو، ڪنهن به قسم جا الزام غلط آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.