خيرپور (س ر) ٽنڊومستي خان ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٽو چانڊيو واسي پيرسن عورت زيبل خاتون زال مهير چانديو پنهنجي پٽ پهلوان ۽ ٻين سان گڏجي سول اسپتال خيرپور ۾ احتجاج ڪندي چيو ته زميني تڪرار تان نارض وڏيري نبن چانڊيو جي چرچ تي مخالف جوابدارن منير چانڊيو، ضمير، حڪيم، ريحان ۽ ٻين قاتلاڻو حمو ڪري لٺين، لتن، مڪن، ٺونشن سان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي جنهن ڪري چيلهه ۽ جسم جي سڪا ۽ ڳجها ڌڪ لڳل آهن، علاج لاءِ ٿاڻي کان ميديڪل ليٽر وٺي سول اسپتال داخل ٿي آهيان، مظاهرين ٻڌايو ته مخالف اسان جي ذاتي ملڪيت واري زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين روڪڻ تان مخالف ڏمرجي پيا هئا، جن اٽڪل 6 مهينا اڳ به گهر ڀاتين تي قاتلاڻو حملو ڪري کين زخمي ڪيو هو، جنهن جو ڪيس ٽندومستي ٿاڻي تي مزڪوره جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي، مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور، ايم اين اي نفيسه شاهه سميت وس کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفط فراهم ڪيو وڃي.