ڪراچي ۾ قهر جي گرمي بعد ڪڪر وسي پيا، گرمي جو زور گهٽجي ويو

ڪراچي ( رپورٽر)  ڪراچي جي گڏاپ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات پئي. ڪراچي جي علائقي ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد،  ايف بي ايريا سميت مختلف علائقن ۾ تيز هوائون هلڻ شروع ٿي ويون آهن. هوڏانهن گلشن اقبال، گلستان جوهر، صدر ۽ پراڻي شهر جي علائقن ۾ به تيز هوائون هلڻ شروع ٿي ويون آهن. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي کانپوءِ هوائون داخل ٿي ويون. گلشن اقبال، گلستان جوهر، صدر ۽ اولڊ سٽي ايريا ۾ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.  موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ خميس ۽ جمعي جي ڏينهن برسات کان اڳ ۾ تيز هوائن جو امڪان آهي. شهر جي مختلف هنڌن تي برسات پئجي سگهي ٿي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ خميس ۽ جمعي جي ڏينهن منجهند يا شام تائين برسات جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.