ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي شهر ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب فوتگين وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ ايتريون فوتگيون ناهن ٿيون، فوتگين جي حوالي سان جيڪي انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن اهي غلط آهن.
ڪمشنر هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حسن نقوي جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 1700 شهري متاثر ٿيا ۽ ڏهه فوتگيون ٿيون آهن پر شهر ۾ فوتگين جي شرح ۾ 4 کان 5 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ هيٽ ويو سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، شهر جي سمورن وڏين اسپتالن، مردا خانن ۽ ٻين ذريعن وٽان معلومات حاصل ڪئي آهي، وڌيڪ فوتگين جي حوالي سان جيڪي انگ اکر ٻڌايا پيا وڃن اهي غلط آهن.
سندس چوڻ هو ته شديد گرمي ۽ هيٽ ويو سبب شهري بجلي کانسواءِ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جلد ڪي اليڪٽرڪ جي اختيارين سان ملاقات ڪري لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جون هدايتون ڏيندس.
Pakistan Karachi HeatStroke
You might also like