ميرپور ماٿيلو (ويب ڊيسڪ) عوامي آواز جي رپورٽر شھيد نصر الله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل وارو وڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو.
شهيد جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه ڀٽو سان بيان ۾ مخاطب ٿيندي انصاف جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
شهيد نصر الله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي بلاول سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان شهيدن جا وارث آهيو، منهنجي پٽ کي به شهيد ڪيو ويو، جنهن جو قاتل اوهان جي پارٽي ۾ ويٺل آهي.
شهيد جي امڙ جو چوڻ هو ته اوهان کي جيڪڏهن شهيدن جو قدر آهي ته پ پ ايم اين اي خالد لنڊ کي پارٽي مان ڪڍي عهدي تان هٽايو.
هن وڌيڪ چيو ته بلاول صاحب اوهان جي ۽ ڀٽي جي پارٽي ۾ قاتل نٿو ٺهي، جيڪڏهن اوهان منهنجو مطالبو نه مڃيو ته آئون پنهنجي مٿان پيٽرول هاري باھه ڏئي ڇڏينديس.
وڊيو بيان ۾ شهيد نصر الله گڏاڻي جا فرزند، نياڻي به شهيد جي امڙ سان گڏ ويٺل نظر اچي رهيا آهن.
You might also like