موٽر وي تي اوور لوڊنگ ڪندڙ ٽرانسپورٽرز کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موٽر وي پوليس اوور لوڊنگ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
وفاقي سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود ۽ آءِ جي موٽر وي پوليس سلمان چوڌري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.
موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ اوور لوڊنگ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود هدايت ڪئي ته قيمتي انساني جانين کي بچائڻ لاءِ 100 سيڪڙو ايڪسل لوڊ ڪنٽرول رجيم تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
هن اختيارين کي هدايت ڪئي ته اوور لوڊڊ گاڏين کي موٽر ويز ۽ هاءِ ويز تي داخلا جي قطعي اجازت نه ڏني وڃي.
اجلاس ۾ آءِ جي موٽر وي پوليس سلمان چوڌري چيو ته ايڪسل لوڊ ڪنٽرول رجيم تي 100 سيڪڙو عملدرآمد لاءِ اسپيشل اسڪواڊ جوڙيو ويو آهي، وڌيڪ وزن واري گاڏين تائين واڌو سامان لاٿو پيو وڃي، جڏهن ته زونل ۽ سيڪٽر ڪمانڊرز به سرپرائز چيڪنگ ۽ مانيٽرنگ ۾ مصروف آهن.
هن چيو ته مقرر حد کان وڌيڪ وزن واري گاڏين کي ڳري ڏنڊ سان واپس ڪيو پيو وڃي، اوور لوڊنگ ڪندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف سخت قانوني ڪارروائي ۽ ڳرا ڏنڊ هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.