ڪراچي وارن لاءِ خطري جي گهنٽي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اربن پلانر محمد توحيد خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ هن سال برساتن سان ٻوڏ اچي سگهي ٿي.
ماهرن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پهرين جولاءِ کان 30 سيپٽمبر تائين چوماسي برساتن جو امڪان آهي ۽ موسميات کاتي هن سال ڪراچي ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
ان حوالي سان اربن پلانر محمد توحيد چيو ته شهر ۾ پاڻي جي نيڪالي جو خراب نظام اربن فلڊنگ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو، شهر جي نالن جي صفائي نه ٿيڻ جي بنياد تي اها ڳالهه واضح آهي ته برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ ۽ تباهي جو خطرو موجود هوندو.
سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ به برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ سان شهر جو نظام مڪمل طور مفلوج ٿي ويو هو.
هن چيو ته شهر جي اڪثر نالن تي وقت سان گڏ حددخليون ٿينديون ويون، جنهن سبب شهر مان برساتي پاڻي جي نيڪالي ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن.

rain karachi weather

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.