جنت مرزا سوشل ميڊيا تي شهرت ۾ هانيا عامر کان به اڳتي نڪري وئي

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ جنت مرزا هڪ ڀيرو ٻيهر مقبوليت جي ڊوڙ ۾ ناليوارين اداڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
جنت مرزا جي مختصر وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي فالوورز جو انگ 25 ملين ٿي ويو.
ٽڪ ٽاڪر پنهنجي انهي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪرڻ لاءِ آفيشل انسٽاگرام هينڊل جي اسٽوري ۾ پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جو اسڪرين شارٽ شيئر ڪيو.
هن لکيو ته ٽڪ ٽاڪ تي 25 ملين فالوورز حاصل ڪرڻ تي مان تمام گهڻو خوش آهيان اهو منهنجي لاءِ هڪ وڏو سنگ ميل آهي.
جنت مرزا پنهنجي ٽڪ ٽاڪ فيملي سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪي به منهنجي 25 ملين فالوورز جو حصو آهن، مان انهن سان تمام گهڻي محبت ڪندي آهيان.
واِضح رهي ته پاڪستاني اداڪارائن ۾ سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ مشهور اداڪارا هانيا عامر آهن جنهن جا انسٽاگرام تي 14 ملين فالوورز آهن.
Pakistan TikTok JannatMirza

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.