ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائيندڙ شهرين کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڊرائيونگ لائسنس تي شهرين کي ڏکيائيون آهن، سسٽم آن لائن ڪري رهيا آهيون، لائسنس ري نيو ڪرائڻ لاءِ آن لائن ادائيگي ڪري سگهبي.
هن چيو ته ٽريفڪ نظام ۾ بهتري چاهيون ٿا ته جيئن شهر خوبصورت لڳي، مرتضيٰ وهاب پارڪنگ نظام جي بهتري لاءِ ڳالهايو آهي.
سندس چوڻ هو ته سيف سٽي پراجيڪٽ لاءِ 4 بلين رقم رليز ڪئي وئي آهي، ڪئميرائون لڳڻ شروع ٿي ويون، 18 مهينن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو.
ppp murtazawahab ZiaUlHassanLanjar