اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نمائندن جي ايوان مان پاڪستان ۾ عام چونڊن جي جاچ لاءِ منظور ڪيل ٺهراءَ تي بچاءَ واري وزير خواجا آصف ردعمل جو اظهار ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته ٺهراءُ هڪ اهڙي ملڪ طرفان سامهون آيو آهي، جنهن جمهوري حڪومتن جا تختا اونڌا ڪيا، ٺهراءُ اهڙي ملڪ طرفان سامهون آيو، جيڪو فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ سهولت ڪاري ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ڊيموڪريٽڪ، ريپبلڪنز چونڊن ۾ هڪٻئي تي پرڏيهي مداخلت ۽ ڌانڌلي جا الزام هنيا آهن، ڇو ته گڏيل قومن کي آمريڪي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ چيو وڃي.
khawajaasif pmln usa