هر ٻڌڻي تي اميد لڳائيندي آهيان پر اڃا تائين انصاف ناهي مليو: اُم رباب چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب چانڊيو مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گهر ڀاتين جي قتل کي 7 سال گذري ويا پر اڃا تائين جوابدارن کي سزا ناهي ملي سگهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته قتل ڪيس جون 350 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن پر اڃا تائين انصاف ناهي مليو، هر ٻڌڻي تي اميد لڳائيندي آهيان ته جوابدارن کي سزا ٻڌائي ويندي، سمورا ثبوت ۽ شاهدن جا بيان قلمبند ٿيڻ باوجود اڃا تائين مايوسي کي منهن ڏئي رهي آهيان.
هن چيو ته منهنجي پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو، واقعي خلاف سپريم ڪورٽ تائين وڃي چڪي آهيان پر انصاف اڄ تائين نه مليو، عدليا مان اميد آهي تنهن ڪري ويندي آهيان.
سندس چوڻ هو مان سمجهان ٿي ته قتل ۾ ملوث سردارن کي ڦاهي تائين پهچائڻ لاءِ اسان جا ثبوت ڪافي آهن، ڌيءَ انصاف لاءِ وڙهي رهي آهي ته ماءُ رياست کي به ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته قاتلن کي سزا ملي.

ummerubabchandio mehar dadu

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.