ورلڊ ڪپ سيمي فائنلز: افغانستان ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت انگلينڊ سان سڀاڻي دوبدو

گيانا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا ٻئي سيمي فائنلز سڀاڻي کيڏيا ويندا.
آءِ سي سي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ ميگا ايونٽ جا ٻئي سيمي فائنلز سڀاڻي کيڏيا ويندا.
ٽورنامينٽ جو پهريون سيمي فائنل افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽرينڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي برائن لارا اسٽيڊيم ۾پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي پنجين وڳي کيڏيو ويندو.
عالمي ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل سڀاڻي گيانا دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندو.
واضح رهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنلز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو.
پهرئين سيمي فائنل لاءِ رچرڊ الينگ ورٿ ۽ نتن مينن آن فيلڊ امپائر هوندا جڏهن ته رچرڊ ڪئٽلبرو ٽي وي امپائر ۽ احسن رضا فورٿ امپائر جون ذميواريون نڀائيندو.
ان ميچ ۾ ڪرس گيفني ۽ روڊني ٽڪر آن فيلڊ امپائر هوندا جڏهن ته جوئل ولسن ٽي وي امپائر ۽ پال رائفل فورٿ امپائر جون ذميواريون سرانجام ڏيندو.

T20Worldcup2024 INDvsENG AFGvsSA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.