حنيف عباسي آمريڪي نمائندن جي ايوان مان منظور ٺهراءُ فوج خلاف پروپئگنڊا قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ايم اين اي حنيف عباسي آمريڪي نمائندن جي ايوان مان پاڪستان ۾ عام چونڊن جي جاچ لاءِ منظور ڪيل ٺهراءَ کي فوج خلاف پروپئگنڊا ۽ صيهوني سازش قرار ڏئي ڇڏيو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي حنيف عباسي چيو ته اهو ٺهراءُ پاڪ فوج خلاف پروپئگنڊا ۽ صيهوني سازش آهي، جنهن کي مڪمل ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته ٺهراءَ لاءِ ڪانگريس ۾ لابنگ ڪرڻ لاءِ عمران خان جي ڪزن جاويد برڪي، شهباز گل ۽ ڊاڪٽر محمد آصف لکين ڊالر خرچ ڪيا، ان ٺهراءَ پويان اهي ئي ماڻهو آهن، جن آمريڪا ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران جهاز اڏايو.

usa hanifabbasi pti

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.