افغانستان کي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل۾ پهچائيندڙ هيڊ ڪوچ جوناٿن ٽروٽ اهم مقابلي کان اڳ ڏکڻ آفريڪي ٽيم بابت دلچسپ ڳالهه ڇيڙي ڇڏي آهي.
اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ۽ افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جوناٿن ٽروٽ چيو ته افغان ٽيم پهريون ڀيرو سيمي فائنل ۾ پهچي آهي جڏهن ته ورلڊ ڪپ ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي تاريخ کان به سڀ واقف آهن، هو ٽرافي جي ويجهو اچن باوجود هارائي ويندا آهن.
هن چيو ته افغان ٽيم ڪڏهن به ڪنهن ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ ناهي پهتي ۽ هن ٽيم جي ڪا وڏي تاريخ آهي، هي رانديگر تاريخ رقم ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن اسان جو جنهن سان مقابلو آهي اِها ٽيم اهم موقعن تي دٻاءُ برداشت ناهي ڪري سگهندي.
jonathantrott Semifinal SAvsAFG