ڪراچي ۾ ڏوهه گهٽيا آهن، حاڪم نه عوام جا نوڪر آهيون: ضياءُ لنجار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ ڪٻاڙين خلاف آپريشن کانپوءِ ڏوهه گهٽيا آهن.
سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته مان پاڻ رات جو ٿاڻن جي وزٽ ڪري رهيو آهيان، چاهيان ٿو سنڌ جي عوام کي اهو احساس ٿئي ته اهي محفوظ آهن، اسان ايوان ۾ ۽ عوام کي جوابده آهيون، اسان حاڪم نه عوام جا نوڪر آهيون.
هن چيو ته کسيل موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين جا پرزا ڪٻاڙين کي کپايا ويندا هئا، 300 کان وڌيڪ ڪٻاڙين کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي پرزا خريدڻ ۾ ملوث هئا، موبائل مارڪيٽن تي به نظر رکي آهي، چوري جي شين جي خريد ۽ وڪرو ختم ٿي وڃي ته واقعا گهٽجي ويندا.
سندس چوڻ هو ته ڦر دوران مزاحمت تي جيڪڏهن ڪو شخص مارجي وڃي ته مان اتان جي ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيندس، ڪچي جي علائقي تي گهڻيون ڳالهيون ٿينديون آهن، ڪچي جي ڌاڙيلن کي نه ڇڏينداسين.

ziaulhassanlanjar ppp karachi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.