پاڪستاني اداڪارا ۽ مارننگ شو جي ميزبان ندا ياسر جو چوڻ آهي ته اسانجي حج وارن وڊيوز ۽ تصويرن تي تنقيد ڪرڻ وارن کي الله هدايت ڏيندو.
ندا ياسر ۽ ياسر نواز تازو ئي حج جي سعادت حاصل ڪئي ۽ ان دوران ٻئي انسٽاگرام متحرڪ نظر آيا، ٻنهي ڪيترائي وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪيون ۽ يوٽيوب تي ولاگز به ٺاهي پوسٽ ڪيا.
وڊيوز ڏسي ڪري سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان جوڙي جي تنقيد ڪئي وئي، جنهن جو جواب ندا ۽ ياسر مارننگ شو جي سيٽ تي ٺاهيل هڪ ولاگ ۾ ڏنو.
ندا ياسر مڙس جي سوال تي تنقيد ڪرڻ وارن ماڻهن کي هدايت جي دعا ڏني ۽ چيو ته مان دعا ڪيان ٿي ته الله ٽرولرز کي هدايت ڏي ۽ هو تصويرن مان ڪجهه سکي وٺن ۽ پنهنجا ضروري ڪم سرانجام ڏين.
ٻئي پاسي ياسر نواز چيو ته اسان جي باري جنهن کي جيڪو چوڻو آهي ڀلي چوندو رهي اسان کي ڪو فرق ناهي پوندو، اسان ڄاڻيون ۽ اسانجو خدا ڄاڻي، اسان جيڪي عبادتون ڪيون آهن ۽ جيڪي سٺا ڪم ڪيا آهن اهو اسانجو ۽ الله جو مامرو آهي.
Pakistan NidaYasir YasirNawaz
You might also like