ممبئي (ويب ڊيسڪ) ممبئي هاءِ ڪورٽ ڪاليج جي حجاب تي پابندي جي فيصلي ۾ مداخلت کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ممبئي هاءِ ڪورٽ ڪاليج ۾ حجاب تي پابندي خلاف 9 شاگردياڻين جي داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي.
ممبئي جي هڪ ڪاليج شاگردياڻين جي حجاب، نقاب، برقعي ۽ ڪيپ پائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي، جنهن خلاف شاگردياڻين عدالت سان رابطو ڪيو هو.
درخواستگذار شاگردياڻين مطالبو ڪيو هو ته ڪاليج ۾ حجاب تي پابندي مذهبي آزادي جي بنيادي حق جي خلاف آهي.
هوڏانهن ڪاليج انتظاميا جو موقف آهي ته حجاب تي پابندي هڪجهڙي ڊريس ڪوڊ لاءِ آهي ۽ حجاب تي پابندي جو فيصلو مسلم ڪميونٽي خلاف ناهي.
mumbaihighcourt india newdelhi